جهولڻ شاهه

جهولڻ شاهه: سيد جهولڻ شاهه جو اصل نالو سيد محمد حفيظ هو. هي جلال الدين مخدوم جهانيان جي اولاد مان هو. جهولڻ شاهه، گهوڙي شاهه جي نالي سان به مشهور هو. اهو ان ڪري جو کيس گهوڙن سان تمام گهڻي محبت هئي، هن جو معمول هوندو هو ته اڪثر شهر ۾ ڦرندو ۽ مخلوق خدا جي مدد ڪندو رهندو هو. لاهور شهر ۾ هن گهڻن ئي طوائفن کي سڌي راهه تي آندو، انهن ۾ مائي سوڊان طوائف ته هن جي مريدياڻي ٿي پئي.
تاريخ فرشته‘ ۾ لکيل آهي ته جهولڻ شاهه هڪ سئو ٽي سال عمر جو ٿيو ۽ هن محمد شاهه بادشاهه مغل جي عهد ۾ 16 رجب المرجب 1146/ 11 ڊسمبر 1733ع تي وفات ڪئي. جهولڻ شاهه جي مزار لاهور ۾ گهوڙي شاهه روڊ تي آهي. شاهه بلاول جي مزار به هن ئي روڊ تي آهي.
جهولڻ شاهه جي مزار جي آسپاس مٽيءَ جي گهوڙن جا انبار موجود موجود آهن. چبوتري ۾ ٽي مزارون آهن، هڪ جهولڻ شاهه جي ۽ ٻه سندس خليفن جون آهن.


لفظ جهولڻ شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1733.12.11  عيسوي

’تاريخ فرشته‘ ۾ لکيل آهي ته جهولڻ شاهه هڪ سئو ٽي سال عمر جو ٿيو ۽ هن محمد شاهه بادشاهه مغل جي عهد ۾ 16 رجب المرجب 1146/ 11 ڊسمبر 1733ع تي وفات ڪئي. جهولڻ شاهه جي مزار لاهور ۾ گهوڙي شاهه روڊ تي آهي. شاهه بلاول جي مزار به هن ئي روڊ تي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهاب الدين خواجه
ديوان ٽهلرام کيمچند
جيسراڻي ڌرمپال
بيگن ٻارڻ
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
آغا زين العابدين شاهه
راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر
آر ايم هري ڊاڪٽر
ٿانوي محمد احمد مولانا
جلال شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون